SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Collaterol Damage

(click word to listen sound
  • 🔊
  • collaterol
  • dæmidʒ
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Collaterol Damage

ڪوليٽرل ڊئميج

غيرفوجي هاڃو يا نقصان

جنگي حالتن ۾ ڪنهن خاص فوجي ٺڪاڻي کي نشانو بڻائيندي، آسپاس جي خانگي ملڪيت، مال ۽ شهري جانين کي نقصان پهچائڻ واري عمل کي هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو ويندوآهي. اِن ڏس ۾ ڪاهي ايندڙ ڌُر جي نيت کي ذهن ۾ رکي، مُتاثر ڌُر کي پهتل نقصان جو اندازو لڳايو ويندو آهي. ڪاهي ايندڙ جيڪڏهن ڄاڻي واڻي غير فوجي نقصان ڪيا آهن، ته اهڙي عمل جي ندا ڪرڻ سان گڏ عالمي سطح تي ان ظُلم کي نروار ڪري، جنگي ڏوهن واري عدالت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي قانون هيٺ غير فوجي ٺڪاڻن جي تحفظ کي جنيوا ڪنويننشن (1969ع) ۽ جنيوا پروٽوڪول (1977ع) ذريعي واضح طور تي يقيني بنائڻ تي زور ڏيندي، شهري آباديءَ ۽ شهري ٺڪاڻن تي ڄاڻي واڻي، ڪنهن به ڌُر طرفان حملو ڪرڻ ”جنگي ڏوهه“ قرار ڏنل آهي. ڇو جو ٽيڪنالاجي ۽ فوجي سائنس ۾ جدت اچڻ ڪري اهو واضح ٿي چُڪو آهي ته دُشمن مُلڪ جي فقط فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ ۽ شهري آباديءَ کي بچائڻ عين ممڪن آهي. هي اصطلاح نار جي جنگ دوران گهڻو استعمال ڪيو ويو، جتان پوءِ عالمي ميڊيا ۾ مشهور ٿيو.


Remember Me Also:

استاد لڳڻ يا هجڻ

وڌيڪ ڏاهو هجڻ ، کيڏاري ٿي لڳڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal